شامِ غريبان1

شامِ غريبان1: 10 محرم الحرام 61هه/10 آڪٽوبر 680ع تي ڪربلا جي ميدان ۾ يزيد جي فوجن هٿان سيد الشهداء حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس اصحابين جي شهادت ٿي، انهي واقعي کانپوءِ هر سال محرم الحرام جي مهيني ۾ عزاداري ۽ ماتمداري ٿيندي اچي. شامِ غريبان 10 محرم الحرام واري ڏينهن مغرب جي نماز وقت ٿيندي آهي، مجلسون ٿينديون آهن، جن ۾ عالم ۽ ذاڪر ڪربلا جي واقعي تي روشني وجهندا آهن ۽ ڪربلا ۾ اهلبيتن جو پڻ ذڪر ڪندا آهن. انهيءَ کان سواءِ ماتمي جلوس نڪرندا آهن، جن ۾ ذوالجناح، وڏا علم، جهولا ۽ سيجون نڪرنديون آهن ۽ انهيءَ سان گڏ قديم امام بارگاهن ۾ باهه جو ماتم ۽ زنجيرن جو ماتم پڻ ٿيندو آهي. مطلب ته شامِ غريبان واري وقت وڏي پيماني تي عزادري ۽ ماتمداري ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو